جـعـفـراڻي ،  شـمس

جـعـفـراڻي ، شـمس

شـمس جـعـفـراڻي

شـمس جـعـفـراڻي: ليکڪ ۽ ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شـمـس الـحـق ولـد محـمد جمن جعفراڻي المعروف شمس جعفراڻي 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام ھڱورجي، تعلقي جاتي، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سجاول مان حاصل ڪئي. جڏهن ته انٽر ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايل. ايل. بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات روزاني ‘مھراڻ’ ۾ پھرين سب ايڊيٽر ۽ پوءِ 1967ع کان 1970ع تائين سجاول سب ڊويزن لاءِ ساڳي اخبار جي نمائندي طور ڪئي. بعد ۾ اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر ۽ وزيراعليٰ سنڌ جو پروٽوڪول آفيسر بھ رھيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ سيوھڻ، حيدرآباد، شھدادپور ۽ عمرڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر رهڻ سان گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد جو مئجسٽريٽ به رهيو. ان کانپوءِ ٽن سالن لاءِ کيس لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ٻھ ڀيرا ڪوٽڙي بئراج تي روينيو آفيسر ۽ پوءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پوءِ ساڳئي کاتي جو سيڪريٽري رھيو، جتان اپريل 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهھ عرصي لاءِ ثقافت کاتي ۾ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون سنڀاليون. ھن سسئي پليجو جي دور ۾ ثقافت کاتي پاران شاھھ شناسي ۽ اياز شناسيءَ رٿائن ھيٺ ڪيترائي ضخيم ڪتاب ڇپائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليکڪ جي حيثيت ۾ سندس آتم ڪھاڻي جا ٻه جلد: ‘ڪتيم سڀ ڄمار’ (2005ع) ۽ ‘اندر جنين اڌ’ (2020ع) ڇپيل آهن. پوئين ڪتاب تي کيس سنڌالاجي ڄامشوري پاران اوارڊ به مليو. مشھور محقق عزيز جعفراڻي سندس وڏو ڀاءُ هو..


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.08.16  عيسوي

شمس جعفراڻي 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام هڱورجي ، تعلقي جاتي ، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاڳلي (مائي چاڳلي)
جادو فقير شهيد
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
عثمان ٻرڙو
ڄام ڪانڀو خان
استاد نصرت فتح علي خان
دلشاد مرزا
سنان بن سلامه
راڄو ليکي
ذاڪر علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون